ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ، شهري سخت پريشان

0
167
ملڪ ۾ گئس جو بحران

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي جي علائقي صدر، آءِ آءِ چند ريگر روڊ، لياري، منظور ڪالوني، کھارادر، پي اينڊ ٽي الوني ۽ ڪياماڙي سميت مختلف علائقن ۾ گئس جو پريشر بلڪل به ناهي

ان کان علاوه ڪورنگي، ڀٽائي ڪالوني، اورنگي، لياقت آباد ۽ شاهه فيصل جا مختلف علائقا به گئس جي لوڊشيڊنگ سبب سخت متاثر آهن

علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڏينهن ۾ رڳو 2 کان 3 ڪلاڪ سوئي گيس اچي ٿي جيڪو پريشر نه هجڻ جي برابر آهي، گئس نه ملڻ سبب هو سلينڊر استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن جنهن ڪري خرچ ٻيڻو ٿي ويو آهي