سخت سياري کان اڳ ئي گئس جو بحران

0
166
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اهو ئي ٿي رهيو آهي جنهن جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو،سياري ۾ گئس جي بحران جو خطرو ٻڌايو پئي ويو پر سخت سيارو اچڻ کان اڳ ۾ ئي گئس جو بحران پيدا ٿي ويو آهي.ننڍن شهرن ۾ ته اڳ ئي گئس ڪجهه ڪلاڪ ايند هئي پر هاڻي ته اتي اها به اڻلڀ آهي ۽ وڏن شهرن ۾ گئس مهانن وانگر اچي ۽ وڃي ٿي.حڪومت هر معاملي وانگر هن بحران کي به منهن ڏيڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته جيئڻ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي بحران وقت حڪومت غلط اندازا ۽ انگ اکر ٻڌايا، ايئن گئس جي معاملي ۾ به اها عوام کي سڌي ڳالهه نه ٻڌائي  رهي آهي ۽ سڀ ٺيڪ آهي وارو ورد ڪيو پيو وڃي.

جڏهن ايل اين جي جا ٽينڊر نه ٿيڻ جي ڳالهه سامهون آئي تڏهن ئي اهو چيو پئي ويو ته سياري ۾ گئس جي بحران کي منهن ڏيڻو پوندو تڏهن به وفاقي وزير اها ڳالهه تسليم ڪرڻ بدران اهو چئي رهيا هئا ته ملڪ ۾ ايتري گئس موجود آهي جو سياري ۾ ڪو وڏو بحران نه ايندو،پر هاڻي کان ئي گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهرن ۾ گئس نه ملڻ جون شڪايتون شروع ٿي ويون آهن جڏهن ته سخت سيارو اڃان اڳتي آهي.

حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ اهو اعلان ڪيو هو ته  ڊسمبر ۾ ٽي وقت گئس يقيني بنائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي ته جيئن گهريلو واهپيدارن کي تڪليف نه ٿئي  پر اڃان نومبر هلي رهيو آهي ته انهي شيڊيول کانسواءِ گهرن ۾ گئس اچڻ بند ٿي وئي آهي خبر ناهي ڊسمبر ۽ جنوري ۾ صورتحال ڪهڙي بيهندي؟ حڪومت ٽي وقت گئس مهيا ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙي سگهندي يا اهو به ٻين واعدن وانگر هڪڙو واعدو ئي هوندو؟ جڏهن ته سي اين جي ۽ بجلي گهرن لاءِ پهرين ڊسمبر کان 15 جنوري تائين گئس بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. لڳي ٿو هي سڄو سيارو ملڪ گئس کان سواءِ گذاريندو ۽ ان جو اثر روزگار کان وٺي گهرن ۾ رڌپچاءَ تائين پوندو.

ڇاڪاڻ ته بجلي گهرن کي گئس نه ملندي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خطرو به پيدا ٿيندو ۽جيڪا گئس جي صورتحال ٻڌائي وڃي پئي ته ان مان لڳي ٿو ته صنعتن کي به فراهمي ۾ خلل پوندو جنهن سان نه رڳو شين جي کوٽ پيدا ٿيندي پر بيروزگاري ۾ به اضافو ٿيندو.موجوده حڪومت ۾ ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به بحران اچي مٿان پوندو آهي حڪومت پوءِ اکيون پٽيندي آهي جنهن ڪري نه ان بحران تي ضابطو اچي سگهندو آهي نه ئي ماڻهن کي پريشاني کان بچائي سگهبو آهي.

ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران وقت به اها صورتحال سامهون هئي جنهن ڪري هڪدم انهن شين جون قيمتون وڃي آسمان سان لڳيون جو 60 رپين تائين ملندڙ کنڊ هن وقت ذري گهٽ 120 رپيا في  ڪلو ۽ 45 رپيا في ڪلو ملندڙ اٽو هن وقت 70 کان 75 رپين ۾ ملي رهيو آهي. گئس جي معاملي ۾ به حڪومت کي هڪ ٻه مهينو اڳ ڪا حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي ها پر حڪومت ٻه ڏينهن اڳ اجلاس ڪري گئس جي گهرج بابت تجويزون گهرايون آهن جڏهن ته سيارو اچي مٿان پيو آهي جيستائين اهي تجويزون اينديون انهن تي ڪا پاليسي ٺهندي ۽ انهن تي عمل ٿيندو تيستائين سيارو ئي گذري ويندو ۽ اهو بحران عوام کي ڀوڳڻو پوندو.

اسان سمجهون ٿا ته سياري ۾ گئس جو بحران عوام جون تڪيلفون ٻيڻيون ڪري ڇڏيندو نه رڳو گهريلو واهپيدارن کي رڌپچاءُ ۾ ڏکيائي ٿيندي پر ٿڌن علائقن ۾ سيءُ کان بچڻ به ناممڪن بڻجي ويندو ڇاڪاڻ ته انهن علائقن ۾ گئس کانسواءِ سردي کي منهن ڏيڻ ممڪن ناهي هوندو.جڏهن ته صنعتن ۽ بجلي گهرن کي گئس نه ملڻ ڪري بيروزگاري ۾ واڌ جو پڻ خطرو آهي تنهن ڪري حڪومت انهي معاملي کي ايمرجنسي جي بنيادن تي اڪلائي جيئن ڪو وڏو بحران پيدا ٿيڻ کان بچي سگهجي.