اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کان پوءِ مخالف ڌر جي واضح اڪثريت واري ايوان سينيٽ ۾ به مخالف ڌر کي حڪومت هٿان بري شڪست، حڪومت پنهنجي ميمبرن جو تعداد مخالف ڌر کان وڌيڪ ڏسي موقعي جو ڀرپور فائدو وٺندي بلن کي ڪاميٽين ڏانهن غور لاءِ موڪلڻ واري طريقيڪار ۽ رولز کي نظر انداز هڪ ئي ڏينهن 4 بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتا، 2 بل هنگامي طور تي اضافي ايجندا جاري ڪرائي منظور ڪرايا ويا، منظور ڪيل بلن ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم جا 2 بل، نيب ايڪٽ ۾ ترميم جو بل ۽ صحافين ۽ ميڊيا پرسنس جي تحفظ لاءِ بل شامل، دلاور خان گروپ پاران مخالف ڌر جي سيٽن تي ويٺل هجڻ باوجود حڪومت جو ساٿ ڏنو، مخالف ڌر جو سينيٽ چيئرمين جي روسٽرم سامهون احتجاج، گوڙ، هنگامو، بلن ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي احتجاج، نو نو جي نعرن سميت غنڊا گردي نه هلندي، رٻڙ اسٽيمپ پارليامينٽ نامنظور، جا نعرا، تفصيل موجب ڪالهه سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري قومي اسيمبلي پاران منطور ڪيل 4 بل سينيٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيا، جن ۾ عورتن کي ڪم وارن هنڌن تي حراسان ڪرڻ، ٻارڙن بابت قومي ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل، جونائل جسٽس سسٽم ايڪٽ ۾ ترميم جو بل ۽ اسلام آباد ۾ ٻارڙن جي تحفظ جو بل شامل آهن، انهن بلن کي مخالف ڌر جي مطالبي تي ڪاميٽين ڏي موڪليو ويو، ان بعد وفاقي حڪومت مخالف ڌر جي ميمبرن جي گهٽ حاضري ڏسي فائدو وٺندي سينيٽ چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته لڳي ٿو ته اسان توهان کي ووٽ نه ڏنو آهي، توهان اپوزيشن جا چيئرمين آهيو، بلن جي منظوري ۾ دير ڪئي پئي وڃي، عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن بابت بل ايوان مان سڌا منظور ٿيڻ گهرجن ها، قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته مخالف ڌر جو سينيٽ چيئرمين جي ڪرسي جو احترام سليڪٽو آهي، هنن جي جمهوريت به سليڪٽيڊ آهي، هن مطالبو ڪيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل ڪاميٽي کي موڪلڻ بجاءِ سڌو ايوان مان منظور ڪرايو وڃي، جنهن تي مخالف ڌر نو نو جا نعرا لڳايا ۽ مطالبو ڪيو ته بل کي طريقيڪار مطابق ڪاميٽي کي اماڻيو وڃي، شيري رحمان چيو ته هي بل چيئرمين ايڇ اي سي بنوري کي هٽائڻ لاءِ آندو ويو، هي شخصي بل آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي به ختم ڪيو پيو وڃي، پي ايم ڊي سي کي به مفلوج ڪيو ويو، وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته اسٽينڊنگ ڪاميٽيون هن ايوان جو اهم حصو آهن، پر مخالف ڌر مصلحت تحت بل روڪرائي ٿي، ڪاميٽين ۾ بلن کي رد ڪيو وڃي ٿو، شبلي فراز به مطالبو ڪيو ته بل کي فوري طور تي سينيٽ مان منظور ڪرايو وڃي، جنهن تي مخالف ڌر نو نو جا نعرا لڳائي گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ته قانون جي وزير فروغ نسيم چيو ته هن بل جي فوري منظوري جي ضرورت آهي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين ايوان ۾ بل کي فوري طور منظوري لاءِ غور هيٺ آندو وڃي بابت ووٽنگ ڪرائي ته يوسف رضا گيلاني کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرائڻ ۾ ووٽ ڏيندڙ دلاور خان گروپ جي ٽن ميمبرن هدايت الله، ڪهده بابر، ۽ نصيب الله بازئي حڪومتي ميمبرن سان گڏ بيهي بل منظور ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ته بل جي حمايت ۾ 32 ۽ مخالفت ۾ 28 ووٽ پيا، ائين مخالف ڌر جي اڪثريت واري ايوان ۾ دلاور خان گروپ پاران حڪومت جو ساٿ ڏيڻ ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي عدم دلچسپي ۽ غيرحاضري سبب سينيٽ ۾ به مخالف ڌر کي بري شڪست ملي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ڪيو ويو، منظور ٿيل بل تحت هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين کي 4 سالن جي مدت بجاءِ ان مدت ۾ گهٽتائي ڪري 2 سالن لاءِ مقرر ڪرڻ ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ميمبرن جي مدت 4 سال ڪرڻ، جڏهن ته ايڇ اي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري جو هائير ايجوڪيشن کان اختيار واپس وٺي تعليم وزارت جي سفارش تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي آهي، ان کان پوءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ايڪٽ ۾ ٻي ترميم جو بل به حڪومت اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي اعتراضن باوجود منظور ڪرائي ڇڏيو، جنهن تحت هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي جي ميمبرن جو تعداد 10 مان وڌائي 13 ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان ۾ نجي تعليمي ماهرن جو تعداد ٻن مان وڌائي 5 ڪرڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي، اهڙن بلن جي منظوري بعد حڪومت مخالف ڌر جي ميمبرن جي غير حاضري جو ڀرپور فائدو وٺندي اوچتو هنگامي بنيادن تي ضمني (سپليمينٽري) ايجنڊا به جاري ڪرائي ڇڏي، پارلياماني مامرن جي مملڪتي وزير علي محمد خان سينيٽ چيئرمين کي مخادطب ٿيندي چيو ته هاڻي ضمني (سپليمينٽري) ايجنڊا به جاري ڪئي آهي، جن جي منظوري وٺڻ چاهيون ٿا، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته هن وقت حڪومت ائين نه ڪري، هن سيڪريٽريٽ کان معلوم ڪيو ته ضمني ايجنڊا توهان کي ملي آهي جنهن تي سيڪريٽريٽ کيس آگاهه ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ضمني ايجنڊا رات جو ساڍي 10 وڳي ڏني وئي آهي، پر حڪومتي ميمبرن ضمني ايجنڊا ۾ شامل بلن تي ووٽنگ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جنهن تي مخالف ڌر پنهنجي سيٽن تان اٿي سينيٽ چيئرمين روسٽرم سامهون پهچي احتجاج، گوڙ ۽ نعريبازي شروع ڪري ڇڏي، مخالف ڌر نو نو جا نعرا لڳايا، ميان رضا رباني ۽ ٻيا مخالف ڌر جا ميمبر سينيٽ چيئرمين کي ائين نه ڪرڻ ۽ بلن کي ڪاميٽين ڏانهن موڪلڻ جو مطالبو ڪندا رهيا، سينيٽ چيئرمين کين مخاطب ٿيندي چيو ته رضا رباني صاحب سمورا چيئرمين ائين ئي ڪندا رهيا آهن توهان به ائين ئي ڪيو، مون کي ڪجهه نه چيو وڃي، جنهن کان پوءِ وفاقي وزير شيرين مزاري صحافين ۽ ميڊيا پرسنلز جي تحفظ جو بل پيش ڪيو، جيڪو به اڪثريت راءِ سان منظور ٿيو، ان بل جي منظوري ۾ دلاور خان گروپ جا هدايت الله، ڪهده بابر، نصيب الله بازئي ۽ دلاور خان حڪومتي موقف ۽ بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو، شيري رحمان ۽ مخالف ڌر جا ٻيا ميمبر دلاور خان کي بار بار چوندا رهيا ته مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺا آهيو، اسان جو ساٿ ڏيو پر دلاور خان انهن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ گروپ جي چئني ميمبرن بل جي حمايت ڪئي ۽ ائين ان بل جي حق ۾ 35 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ پيا، جنهن کان پوءِ نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ترميم جي بل 2021ع جيڪو وفاقي وزير فروغ نسيم پيش ڪيو ان کي به حڪومت اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتو، منظور ٿيل بل تحت نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل کي ٽن سالن جي مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ 3 سالن لاءِ مقرر ڪري سگهبو، ان کان اڳ نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل جي عهدي تي رهندڙ شخص ٽن سالن کان پوءِ ٻيهر مقرري لاءِ قانوني طور تي اهل نه هو، مخالف ڌر جا ميمبر مسلسل نعرا لڳائيندا رهيا ته نه هلندي نه هلندي غنده گردي نه هلندي، رٻڙ اسٽيمپ پارليامينٽ نامنظور جا نعرا لڳايا، جڏهن ته حڪومتي ميمبرن عمران خان زنده باد ۽ ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هنيا، سينيٽ چيئرمين مخالف ڌر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان نمبر پورا نه ڪندا آهيو ته چيئر بابت ڳالهائيندا آهيو، اهو توهان جو وڙ بڻجي ويو آهي، توهان پنهنجا ووٽ پورا ڪيو، ائين مٿي ڄاڻايل قومي اسيمبلي مان منطور ٿيل چارئي بل حڪومت اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتا، مخالف ڌر کي پنهنجي اڪثريت واري ايوان سينيٽ ۾ بري شڪست ملي.