ڪاڇي جي ٻن يوسيز فريدآباد ۽ چارو ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، ميهڙ ۾ احتجاج

0
327

ميهڙ(رپورٽر) ميهڙ تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي جي ٻن يونين ڪائونسلن فريدآباد ۽ چارو جي مختلف ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو، مختلف ڳوٺن جي رهواسين نياز چانڊيو، ميهر علي ڏيرو، زاهد چانڊيو، محرم علي رند، شبير ڪرٽيو، پيرمحمد ڏيرو، سڪندر بروهي، شڪيل احمد چانڊيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ڳوٺاڻن چيوته چونڊيل نمائيندن ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو،ايم اين اي عرفان ظفر علي لغاري ڪاڇي واسين جا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا آهن، پيئڻ جي پاڻي کان به محروم آهيون، جيڪڏهن پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه ڏني وئي ته عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين.