سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، آبادگار پريشان آهن: سهيل انور سيال

0
298

لاڙڪاڻو (رپورٽر) آبپاشي کاتي سنڌ جي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته وفاقي سرڪار ارسا جي مدد سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، ڳڙهي خدا بخش ڀرسان ڳوٺ ڪوريجا ۾ صوبائي وزير سهيل انور سيال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سامهون اسانجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار آهي، بلاول ڀٽو زرداري جون زمينون به غير آباد آهن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، سنڌ جا آبادگار پريشان آهن.