سيوهڻ :  سيوھڻ گرلس ڪاليج ۾ مختلف شعبن سائنس ميڊيڪل ۽ ٻين شعبن جا استاد نه ھئڻ ڪري نياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي. ان ڏس ۾ گرلس ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ انٽر ۽ فرسٽ ايئر ارم بختاور سونم ريحانه ۽ ٻين شاگردياڻين پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوته اسان جي ڪاليج جي ڪيترن شعبن ۾ ميٿا ميٽڪس،انگلش، بائيولاجي، زولاجي، باٽني، فزڪس ۽ ڪيمسٽري استادن جي کوٽ ھئڻ سان گڏ پرائي ھاء اسڪول جي بلڊنگ ۽ انھن جي ڪمرن ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھيون جڏھن ته ھاء اسڪول جي گھٽ ڪمرن سبب ھڪ بينچ تي ويھي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ڏکائين کي منھن ڏئي رھيون آھيون. ھنن چيو ته  جيڪڏھن اسان کي ڪاليج جي بلڊنگ تيار ٿيل ھجي ته اسان پريشاني کان بچي سگھجي ٿو پر افسوس ته اسان جي مستقبل طرف حڪومت جو ڌيان ئي نه آھي. ھنن چيو ته اسان جا والدين ٻين شھرن ۾ پڙھائڻ نٿا چاھين ته پوء اسان کي مڪمل سبجيڪٽ ڪير پڙهائيندو ان لاء اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان گرلس ڪاليج جو ڪم مڪمل ڪرائي ۽ استادن جي کوٽ ختم ڪري اسان نياڻين جو مستقبل بچايو وڃي