واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي وزارت دفاع پينٽاگون چيو آهي ته ڪابل ۾ ٿيل ڊرون حملي ۾ ڪنهن آمريڪي فوجي يا عهديدار خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي، ترجمان پينٽاگون جان ڪربي چيو ته دفاعي وزير لائيڊ آسٽن کي ڪابل ڊرون حملي بابت رپورٽ ملي، جنهن ۾ احتساب جي تجويز نه هئي، جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو عمل درآمد ۾ ڪوتاهي هو، غلفت، بي انتظامي ۽ ناقص قيادت نه هئي، دفاعي وزير ڪابل حملي بابت رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن وڌيڪ احتساب لاءِ هدايت نه ڏني آهي، واضح رهي ته 29 آگسٽ تي آمريڪي ڊرون حملي ۾ 7 ٻارن سميت 10 معصوم افغان شهري مارجي ويا هئا. پهرين آمريڪي اختيارين چيو هو ته ڪابل ۾ ڊرون حملو شدت پسندن جو ڳڙهه سمجهي ڪيو ويو هو، شروعاتي رپورٽ بعد آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل ميڪينزي معافي به گهري هئي.