ماسڪو (م ڊ) روس ماحولياتي آلودگي کي عالمي چيلنجز لاءِ خطرو قرار ڏيڻ واري قرارداد ويٽو ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قرارداد نائجيريا ۽ آئرلينڊ جي حمايت ۾ پيش ڪئي وئي هئي، قرارداد ۾ ماحوليات کي درپيش چيلنجز کي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو هو، پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 12 ميمبر ملڪن قرارداد جي حمايت ڪئي، جڏهن ته روس کان علاوه ڀارت به قرارداد جي مخالف ڪئي، چين قرارداد جي موقعي تي غيرحاضر رهيو.