ڦل (ن پ ا) ڦل ۽ آسپاس جي علائقن ۾ شديد گرمي جي لهر جاري، سج سوا نيزي تي پهچي ويو. گرمي پد منجهند 2 وڳي 47.5 سينٽي گريڊ جڏهن ته نمي 22 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، شديد گرمي ۾ بجلي جو معمول موجب ڊگهو بريڪ ڊائون رهيو، ڦل شھر ۾ روزانه 24 ڪلاڪن ۾ صرف رات جو 7 کان 10 بجي تائين 3 ڪلاڪ بجلي هلي ٿي جنهن ڪري رستا ۽ گليون ويران ٿي ويون. ماڻھو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، دڪاندار سڄو ڏينهن گراهڪن جي نه اچڻ سبب واندا ويٺا رهن ٿا. شھرين وفاقي حڪومت، حيسڪو جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته خدارا هن قهر جي گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪري اسان کي سک سان رهڻ ڏنو وڃي.