هنڱورجا ( ن پ ا) اسڪارپ کاتي جي ٽيوب ويل ڪي اي 80 گذريل ڪيتري ئي عرصي کان خراب هجڻ جي خلاف آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي هنڱورجا سمي لنڪ روڊ تي محمد حسن سيال ، الفت سهتو، شفيق کوکر ،ربن شاھ،نثار ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته اسڪارپ کاتي جي ٽيوب ڪي اي 80 ڪيتري ئي عرصي کان خراب آهي ٽيوب ويل جو ٽرانسفارمر ۽ موٽر به غائب آهي هن وقت جڏهن شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ان وقت اسڪارپ ٽيوب ويل جي پاڻي تي فصل پچايا ويندا آهن ٽيوب ويل خراب هجڻ ڪري آبادگار سخت پريشان آهن ڪيترائي ڀيرا اسڪارپ کاتي جي ڪامورن جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسڪارپ ٽيوب ويل جلدي نه ٺهرايو ويو ته اسڪارپ انجنيئر جي آفيس ۽ پي ڊي اسڪارپ خيرپور جي آفيس آڏو ڌرڻا هنيا ويندا.