ڏهرڪي: مامن جو عورت مٿان وحشياڻو تشدد

0
136

ڏهرڪي (ن پ ا)  اوٻاوڙو ڀرسان ٻارن جي جهيڙي تان مامن عورت تي وحشياڻو تشدد ڪيو، متاثر عورت دانهن کڻي انصاف لاءِ ٽائيم نيوز جي آفيس ڏهرڪي  پهچي وئي

ڳوٺ غلام حسين ميراڻي جي رهواسڻ مسمات آسيه زال اڪبر ميراڻي مٿان پنهنجي ئي مامن وحشياڻو تشدد ڪيو

متاثر عورت جو چوڻ آهي ته ٻارن جي ڳالهه تان مامن ابراهيم، ساجد ۽ الطاف وارن گهر ۾ گهڙي وحشياڻو تشدد ڪئي، خدشو آهي ته اک به ضايع ٿي ويندي

آسيه ميراڻي جو چوڻ آهي ته مڙس غريب آھي، مامن جي خوف کان ڳوٺ به ڇڏي ڏهرڪي ڀڄي پهتا آھيون، علاج لاءِ به پيسا ناهن، سڄي جسم  تي تشدد ٿيل آھي، بس مونسان انصاف ڪيو وڃي

ايس ايڇ او اوٻاوڙو جو چوڻ آهي ته آسيه ٿاڻي تي رپورٽ ڪرائي آھي ڪجهه ئي دير ۾ جوابدار گرفتار ڪيا ويندا