وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو

0
223
حڪومت پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو
سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ جهڙي عذاب سان جهيڙيندڙ عوام تي حڪومت پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، ناڻي واري وزارت تيل جَي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، پيٽرول 3 رپيا هڪ پيسو مهانگو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ گاسليٽ جَي اگهن ۾ 3-3 رپيا واڌ، لائيٽ ڊيزل جَي اگهن ۾ 3 رپيا 33 پيسا واڌ ڪئي وئي، پيٽرول جو نئون اگهه 147 رپيا 83 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 144 رپيا 62 پيسا، گاسليٽ جو نئون في لٽر اگهه 116 رپيا 48 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 114 رپيا 54 پيسا مقرر، نوان اگهه رات 12 هين وڳي کان لاڳو هوندا