ڌاڙيلن کي ڪچي تائين محدود ڪري ڇڏيو، هن وقت تائين 70 ڏوهاري مارجي ويا: وڏو وزير

0
188

 وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ڌاڙيلن کي ڪچي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي،  70 ڌاڙيل ماريا ويا آهن 40 کان وڌيڪ ماڻهن کي  عورتاڻي آواز تي رکجي  اغوا  ٿيڻ کان بچايو ويو آهي جنهن بعد هاڻ هرکجي اغوا ٿيڻ واريون وارداتون زيرو ٿي ويون آهن

رائونتي واري ڪچي جي بند تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڌاڙيل پوليس کي ڪمزور ۽ بدنام ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن پر پوليس ثابت قدم رهي آهي انڪري هاڻ اغوا وارين وارداتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي

سندس چوڻ هو ته ڪچي جي هڪ سئو 77 ڪلوميٽر  واري علائقي ۾ 140 پوليس پڪٽ تيار ڪيا آهن پوليس کي ڪچا الائونس به ڏنو ويندو، ڪشمور ۾ به چوڪيون ٺاھي رھيا آھيون

هن چيو ته ڌاڙيل غريب ماڻھن کي اغوا ڪن ٿا جن وٽ کين ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه ناهي هوندو، پوليس جي ڪوشش سان انهن مان گھڻا واپس ڪرايا ويا آھن

مراد علي شاهه چيو ته ڪشمور مان 2 ھندو اغوا ٿيل آھن جن کي جلد واپس ڪيو ويندو

هن چيو ته  مقامي ماڻهن کي پوليس سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ گهرجي ته جيئن امن امان کي برقرار رکي سگهجي، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻيا پوليس اهلڪار ۽ عملدار پڻ گڏ هئا