ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي وزيراعظم جي چونڊ ڪرائڻ کان معذرت، بائيڪاٽ

0
309
ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري وزيراعظم جي چونڊ ڪرائڻ کان معذرت ڪري ايوان مان هليو ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ قاسم سوري پنهنجي رولنگ تي ڳالهائيندي چيو ته منهنجي رولنگ آئيني ۽ قانوني هئي ۽ آمريڪا جي ڌمڪي وارو خط به لهرايو

قاسم سوري چيو ته وفاقي ڪابينا جي آخري اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خط ڊي ڪلاسيفائيڊ ڪيو ويندو، مان وفاقي ڪابينا جي اجازت سان ڊي ڪلاسيفائيڊ خط قومي اسيبملي جي طرفان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي سيل ڪري موڪلي رهيو آهيان

هن کانپوءِ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم جي چونڊ جو عمل جو بائيڪاٽ ۽ اسيمبلي کان استيعفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو

شاهه محمود جي تقرير کانپوءِ پي ٽي آءِ ميمبرن ايوان جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به وزيراعظم نه چونڊجڻ تي معذرت ڪئي ۽ اسپيڪر جي ڪرسي پينل آف چيئر اياز صادق حوالي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري، پي ٽي آءِ پاران گڏيل استعيفائون ڏيڻ جو اعلان