ڊاڪٽر نجيب الله پي سي بي جو چيف ميڊيڪل آفيسر مقرر

0
248

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) ڊاڪٽر نجيب الله کي چيف ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر نجيب الله سومرو ڪرڪيٽ آسٽريليا، نيو سائوٿ ويلز سان گڏ ڪم ڪري چڪو آهي، نجيب الله سومرو فيفا ۽ آسٽريليا فٽبال ليگ ۾ به ڪم ڪري چڪو آهي. نجيب الله سومرو سائوٿ فريمنٽل فٽبال ڪلب اسپورٽس ميڊيسن ۽ سائنسز جو سربراهه آهي. ڊاڪٽر نجيب الله سمورو آڪٽوبر ۾ نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ذميواريون نڀائيندو.