ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيٽر سڪندر منڌرو جي لاڏاڻي جي ڪري خالي ٿيل  سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ لاءِ پيپلز پارٽي اميدوارن کان درخواستون گهرائي ورتيون آهن. پ پ اڳواڻ سينيٽر فرحت الله بابر چيو  ته سينيٽ ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي چونڊ وڙهڻ جا خواهشمند اميدوار درخواستو اماڻين، درخواست سان 40 هزار رپين جو بينڪ ڊرافٽ هجي ۽ درخواستون 18 جون تائين بلاول هائوس جي ايڊريس تي اماڻيون وڃن اهي پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جي صدر جي نالي اماڻيون وڃن.