اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وفات سبب خالي ٿيل سينيٽ ۾ سنڌ جي سيٽ تي جاري ڪيل چونڊ شيڊول ۾ نامزدگي فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 17 جون کان 22 جون تائين مقرر ڪئي آهي، پهريان17 جون کان 20 جون مقرر ڪئي وئي هئي.