اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح  اسماعيل حڪومت مخالف چينل اي آر واءِ جي ان خبر کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو سرڪاري گهر ۾ منتقل ٿي رهيو آهي ۽ ان گهر کي سينگارڻ لاءِ 48 لک رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. مفتاح اسماعيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون پنهنجي ذاتي گهر ۾ ستن سالن کان رهان پيو، منسٽر انڪليو ۾ مون کي گهر الاٽ ڪيو ويو آهي پر اتي ڪڏهن به نه ويو آهيان ۽ نه ئي اتي رهڻ جو ارادو آهي، گهر تي ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويو آهي. مون نه ته حڪومت کان ڪار ورتي آهي ۽ نه ئي پيٽرول يا پگهار وٺي رهيو آهيان.