چينگڊو(انٽرسٽنگ نيوز) ظاهر شڪل بدران رڳو قابليت کي اهميت ڏيڻ لاءِ چيني ڪمپني هڪ انوکو تجربو ڪيو جنهن ۾ نوڪري جي اميدوار عورتن ۽ مردن ماسڪ پهري انٽرويو ڏنو جڏهن ته انٽرويو ڪندڙ آفيسرن به ماسڪ پهري شرڪت ڪئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سوشل ميڊيا تي ان کي گهڻو ساراهيو ويو ڇوته ان سان ظاهري چهرن بدران ڪنهن شخص جي حقيقي قابليت جاچڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. پر ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهو ڪم ڪمپني پنهنجي مشهوري لاءِ ڪيو آهي. 3 فيبروري تي اها وڊيو سڀ کان پهريون چيني سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪمپني انتظاميا ٻڌايو ته اها پنهنجي اداري ۾ شڪل ۽ صورت سبب خراب سلوڪ جو خاتمو ڪرڻ چاهي ٿي. وڊيو ۾ ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي ماسڪ پهري ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ڪمپني جو مالڪ يا مجاز آفيسر به پنهنجو چهرو نٿو ڏيکاري.