پوني(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي شهر پوني ۾ چپس جي خالي ٿيلهين مان دنيا جو پهريون چشمو تيار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب دنيا ۾ پهريون ڀيرو چپس جي خالي ٿيلهين مان چشمو تيار ڪيو ويو آهي، ڀارتي شهر پوني ۾ هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپني اهڙو انوکو ڪم ڪيو آهي. آشايا نالي اسٽارٽ اپ ڪمپني جي مالڪ انيش ملپاني دعويٰ ڪئي آهي ته “هي دنيا جي پهرين ري سائيڪل سن گلاسز آهن” جيڪي اڇلايل چپس جي ٿيلهين مان ٺاهيا ويا آهن. انيش ملپاني خميس تي ٽوئٽر تي جديد ري سائيڪل شده اُس جي چشمن جي تياري جو اعلان ڪيو، هن هڪ وڊيو به شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏٺو ويو ته هن جي ڪمپني ڇا ڪندي آهي ۽ ملٽي ليئرڊ پلاسٽڪ (MLP) مان اُس جا چشما بڻائڻ پٺيان سمورو عمل ڪهڙي طرح انجام ڏنو ويو آهي. ملپاني پوسٽ ۾ لکيو ته “هي منهنجي زندگي جو سڀ کان ڏکيو ڪم هو، هاڻي مان چپس جي پيڪيٽن مان بڻايل پهريان ري سائيڪل چشما انڊيا ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.