اترپرديش(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت جي رياست اتر پرديش ۾ گهر واري جو خواب پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مڙس پاسپورٽ سسٽم هيڪ ڪري ڇڏيو. بابو شاج نالي سول انجنيئر جي گهر واري ٻاهرين ملڪ ملازمت ڪرڻ جي خواهش رکندي هئي پر پاسپورٽ جي ويريفڪيشن نه ٿي رهي هئي جنهن لاءِ جوابدار غيرقانوني طريقو اختيار ڪيو. هن پاسپورٽ سسٽم کي هيڪ ڪري گهر واريءَ جي پاسپورٽ جي ويريفڪيشن مڪمل ڪرڻ چاهي پر ممبئي پوليس ڪرائم برانچ فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار ٻين درخواستن کي به منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ هو، معلوم ڪيو پيو وڃي ته هن سسٽم کي ڪيئن هيڪ ڪيو ۽ ان پٺيان ڪهڙو مقصد هو.