ڀٽ شاهه (ن پ ا) ايس ايس پي مٽياري درگاهه ڀٽائي تي مقرر 28 پوليس اهلڪارن کي هٽائي ڇڏيوآھي. درگاهه تي مقرر 28 پوليس اهلڪارن کي هٽائي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مقرر ڪيو ويو آهي. درگاھ تي پانڌيئڙن ۽ شھرين جي شڪايت تي نوٽيس وٺندي اهلڪارن کي هٽايو ويو آھي. هٽايل 28 اهلڪارن جي جاءِ تي نوان اهلڪار مقرر ڪيا ويا آھن. درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي ڪجهه ڏينهن کان بندش باوجود بااثر ۽ من پسند ماڻھو ڇڏڻ جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي آھي. ڪجھ عرصو اڳ ۾ شڪايتن تي ايس ايس پي مٽياري درگاه جي وڏي منشي کي به هٽائي ڇڏيو هو.