اپوزيشن وارا پاڪ فوج کي چئي رهيا آهن ته چونڊيل حڪومت ڪيرايو: وزيراعظم

0
528
وزيراعظم پاران سويلين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته اپوزيشن وارا پاڪ فوج کي چئي رهيا آهن ته چونڊيل حڪومت ڪيرايو، ملڪ معاشي مسئلن مان نڪري لڳو ته پي ڊي ايم وارا ٻيهر سرگرم ٿي ويا، شڪ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ به رُخنو وجهندا، پر کين ڪاميابي نه ملندي، وزيراعظم عمران خان عوام سان ٽيليفون تي لائيو ڳالھھ ٻولھھ دوران اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته اپوزيشن پهرئين پي ٽي آءِ حڪومت کي نااهل قرار ڏنو، اُنهن گڏجي چيو ته اين آر او ڏيان، نه ته حڪومت هلڻ نه ڏيندا، هاڻي پريشان آهن ته نااهل قرار ڏنل حڪومت ۾ گروٿ ريٽ ڪيئن وڌي ويو، پي ڊي ايم وارا ملڪ ۽ قوم لاءِ نه، پر ذاتي مفادن لاءِ نڪري رهيا آهن، اُهي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ نڪتا آهن ۽ سمجهن ٿا ته بليڪ ميل ڪري ڪامياب ٿي ويندا، قوم پي ڊي ايم جي پويان نه لڳندي، لائيو ڪالز دوران وزيراعظم چيو تھ ماحولياتي تبديلي سبب پاڻي گهٽجي ويو ته صوبن جي حصي ۾ ڪٽوتي ٿي، حيرت آهي ته پاڻي جي پيمائش لاءِ ٽيليميٽري سسٽم اڃا تائين ڪم نٿو ڪري، موجوه حڪومت ٽيلي ميٽري سسٽم تي ڪم ڪري رهي آهي، جلد سسٽم لڳي ويندو، پاڻي ورڇ جو نظام اهڙو هجڻ گهرجي جو سمورا صوبا سمجهن ته کين پورو حصو مليو آهي، صوبن ۾ به پاڻي جي ورڇ جو تمام وڏو مسئلو آهي، غريب هارين ۽ آبادگارن جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، غريب هارين جو پاڻي طاقتور چوري ڪن ٿا، سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته صوبي ۾ غريب هارين تائين پاڻي پهچائي، رينجرز جون خدمتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، سڄي ملڪ ۾ پاڻي جو مسئلو آهي.