خيرپور (رپورٽر) ڪنب جي ڳوٺ ٻٻر وڏا جي رهواسين محمد نواز ٻٻر، دلمراد حسين ٻٻر، غلام حيدر ٻٻر ۽ شاهنواز ٻٻر زخمي حالت ۾ سيشن ڪورٽ خيرپور ٻاهران عورتن ۽ ٻين عزيزن سان گڏاحتجاج ڪندي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار ممتاز ولد محمد آچر ۽ بهرام ولد محمد مراد پنهنجي ساٿين شاهنواز ولد محمد مراد، اسد ولد ممتاز، ساجد ولد ممتاز، معين رضا ولد گل محمد مشتاق ولد وزير علي، منصور ولد عنايت الله ٻٻر پلاٽ تي قبضي خاطر اسان جي گهر ۾ گهري لٺين ۽ سروٽن جو آزادانه استعمال ڪندي اسان کي زخمي ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع باوجود ڪنب ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارائي نه پئي ڪري اُلٽو انهن خلاف دانهڻ تي اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.