ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان اوچتو باهه لڳڻ سبب ڳوٺاڻن جا 5 گھر، اناج، مال جو چارو ۽ گھريلو سامان سڙي رک ٿي ويو. ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ قاسم کاھي ۾ پنج گھرن کي اوچتو  باهه وڪوڙي وئي. باهه لڳڻ سبب صديق لنجار، شوڪت لنجار، الھي بخش لنجار، زبير لنجار ۽ مختيار لنجار جا ڪکاوان گھر سڙي ويا، فائر برگيڊ نه پھتي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو. ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن ٻڌايو تـ باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ناھي ٿي سگھيو ھنن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته غريب مسڪين آھيون اسان جو الهه تلهه سڙي ويو آھي ھنن ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مالي سھائتا جي اپيل ڪئي.