ڊالر جي مٿانهين اڏام، 168 رپين جي بلند سطح تي پهچي ويو: سون به 400 رپيا مهانگو

0
394
ڊالر ۾ لاٿ برقرار:291 رپين تي پهچي ويو: سون ٻيهر 1900رپيا مهانگو
ڊالر ۾ لاٿ برقرار:291 رپين تي پهچي ويو: سون ٻيهر 1900رپيا مهانگو

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)  ڊالر جي مٿانهين اڏام برقرار، 168 رپين جي بلند سطح تي پهچي ويو، سون به 400 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 400 رپين جي واڌ سان 110000 مان 110400 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1510 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾  ڊالر هڪ رپئي جي واڌ سان  167 مان 168 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ پڻ 50 پئسن جي اضافي سان 230.5 مان 231 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو پڻ 50 پئسن جي واڌاري سان 196 مان 196.5 رپين تي پهتو.