سڪرنڊ (ن پ ا)سڪرنڊ ويجهو پئي فاريسٽ ٻيلي جي  بلاڪ 1 کي اوچتو باهه لڳي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ پنجن ايڪڙن تي بيٺل قيمتي وڻ سڙي رک ٿي ويا.  سڪرنڊ ويجهو پئي فاريسٽ جي بلاڪ 1 چوڪڙي نمبر 101 کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي. نتيجي  ۾ پنجن ايڪڙن تي بيٺل وڻ مڪمل سڙي ويا. جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي فائر برگيڊ عملو پهچي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي جن 5 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو. باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو. فاريسٽ کاتي جا آفيسر واقعي واري هنڌ نه پهتا، صرف چوڪيدارن فائربرگيڊ وارن کي اطلاع ڪري باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر سان فون تي رابطو ڪرڻ تي ڊي ايف او واجد سولنگي ٻڌايو ته اسان جي نواب نوابشاهه ۾ ميٽنگ ھئي پئي ٻيلي ۾ باهه جو اطلاع مليو. ٻيلي ۾ علائقي جا مالوند ماڻهو مال چاريندا آهن  ٿي سگهي ٿو انهن مان ڪنهن ڏني ھجي جاچ ڪنداسين جيڪو ملوث نڪتو ان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آٓهي ته فاريسٽ جي ملازمن قيمتي ڪاٺ جي واڍي ڪندا آهن  ھنن ھٿ سان باھ ڏني آهي.