ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسز خطرناڪ حد تائين وڌڻ سان آڪسيجن جي کوٽ جو ٻيهر بحران

0
354

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ ڪورونا جا ڪيسز خطرناڪ حد تائين وڌڻ سان آڪسيجن جي کوٽ جو ٻيهر سنگين بحران، اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 3 لک 45 هزار ڪيسز ظاهر، وڌيڪ 26 سئو کان وڌيڪ ڀارتي شهري ڪورونا وگهي حياتي وڃائي ويٺا، رياست مهاراشترا، ڪيرالا ۽ اُڙيسا ۾ ويڪينڊ لاڪ ڊائون لاڳو، ڪُنڀ ميلي مان واپس پهتل ياترين کي 14 ڏينهن لاءِ قرنطينه ٿيڻ جي هدايت، صحت جي عالمي اداري طرفان ڀارتي سرڪار کان سموري ملڪ ۾ شهرين جي چرپر تي فوري پابندي لڳائڻ جو مطالبو، امريڪي سرڪار ڪورونا جي بدترين صورتحال ۾ ڀارت کي طبي مدد جي خاطري ڪرائي ڇڏي.