ڀارت طرفان وزيراعظم سميت ڪابينا ميمبرز جا فون ھيڪ ڪرڻ جو انڪشاف

0
271

ڀارت طرفان وزيراعظم عمران خان سميت ڪابينا ميمبرز جا بھ فون ھيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ذريعن موجب ڀارت اسرائيلي ڪمپني جي سافٽ ويئر ”پيگاسس“ جي ذريعي وزيراعظم عمران خان سميت ڪابينا ميمبر جا فون ڪالز ۽ ميسيجز ريڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي. ذريعن جو چوڻ آھي تھ ڀارت جي جاسوسي تي اعليٰ عسڪري ۽ سول قيادت جي ويھڪ ٿي آھي، جنھن ۾ وزيرن سميت سرڪاري آفيسرن جي لاءِ واٽس ايپ طرز جي نئين ايپليڪيشن آڻڻ تي مشارورت ڪئي وئي آھي. ذريعن ٻڌايو تھ حڪومت طرفان انھيءَ معاملي تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو آھي، ڀارت جي جاسوسي جي حوالي سان لائحھ عمل طئھ ڪيو پيو وڃي ۽ ڀارت جي جارحاڻي حڪمت عملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. خيال رھي تھ امريڪي اخبار جاسوسي جي اسرائيلي نظام سان پاڪستان سميت ڪئي ملڪن جي شخصيتن جا فون ھيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آھي. امريڪي اخبار ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ فرانسي ميڊيا گروپ جي گڏيل تحقيقاتي رپورٽ موجب ڀارت سميت 10 ملڪن اسرائيلي ڪمپني جي لاءِ صارف آھي ۽ انھيءَ جي سافٽ ويئر کي پنھنجي مخالفن جي جاسوسي جي لاءِ استعمال ڪندا آھن. رپورٽ موجب 10 ملڪن ۾ ڪجھھ سالن دوران 50 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن جا فون ھيڪ ڪيا ويا يا پوءِ انھيءَ جي ڪوشش ڪئي وئي، انھن ماڻھن ۾ صحافي، انساني حقن جا نمائندا، مخالف ڌر جا اڳواڻ شامل آھن. امريڪي اخبار جي رپورٽ موجب ڀارت بھ انھيءَ ڪمپني جو صارف آھي ۽ ڀارتي حڪومت وٽ جاسوسي، نگراني ۽ ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي صلاحيت آھي، ڀارت طرفان پنھنجي مخالف اڳواڻ راھول گاندھي سميت پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جو پراڻو نمبر بھ ھيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انھيءَ انڪشاف بعد اسرائيلي ڪمپني کي انتھائي تنقيد جو منھن ڏسڻو پيو ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جاسوس سفافٽ ويئر ٺاھڻ واري اسرائيلي ڪمپني خلاف ڪيس جي حمايت ڪئي آھي.