سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو!

0
348

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عيدالاضحيٰ جي نماز کليل ميدان تي ادا ڪئي وڃي، جيڪڏهن نماز مسجد ۾ ادا ڪرڻ ضروري هجي ته پوءِ مسجد جا در ۽ دريون کليل رکيون وڃن ته جيئن وينٽيليشن ٿيندي رهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ جڳهه تي مختلف وقتن تي هڪ کان ڀيرا جماعت ڪئي وڃي ته جيئن رش گھٽ ٿي سگھي ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ٿي سگھي. عالمن کي خطبو مختصر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته عيد نماز تي ايندڙن کي ٿرمل اسڪينر کان گذاريو وڃي. نوٽيفڪيشن موجب بيمار ماڻهن، پوڙهن ۽ ٻارن کي عيد نماز ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن ۾ علامتون هجن ته انهن کي عيد گاهه ۾ وڃڻ نه ڏنو وڃي، نماز دوران 6 فوٽن جو فاصلو رکيو وڃي، هينڊ سينيٽائزر جو انتظام ڪيو وڃي. نوٽيفڪيشن ۾ ماڻهن کي پنهنجي گھران وضو ڪري اچڻ جي هدايت ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن موجب عيد نماز بعد هڪٻئي سان ملڻ کان پرهيز ڪيو وڃي. نماز کان اڳ نماز جي جاءِ تي گڏجي نه ويهڻ گھرجي. اجتماعي قربانيون ڪيون وڃن. نوٽفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته پابندي مڙهيل تنظيمن تي کلون گڏ ڪرڻ تي پابندي آهي، پوليس ۽ ادارا نظر رکن، جيڪڏهن پابندي مڙهيل تنظيمون کلون گڏ ڪن ته انهن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، گھرن ۽ رهائشي جڳهن تي قرباني ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، ڪوس گھر رهائشي علائقن کان پري هجڻ گھرجن، ڪوس گھرن تي رش نه ڪئي وڃي.