صحت کاتي ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو!

0
216
سنڌ سيڪريٽريٽ
زراعت کاتي ۾ 18 گريڊ جي 19 ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي 19ھين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي!!

ڪراچي: صحت کاتي جي سيڪريٽري نوٽيفڪيشن جاري ڪندي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف سميت ڊي ايڇ اوز ۽ تعلقي ھيلٿ آفيسرن جون بدليون مقرريون نه ٿي سگھنديون. ڊي ايڇ اوز سميت انتظامي پوسٽن تي صحت واري وزير وٽ اماڻيل پروپوزل تي بدليون ۽ مقرريون ٿي سگھنديون. سيڪريٽري صحت لاڳاپيل اختيارين کي بدلين ۽ مقررين جا نوان پروپوزل اماڻڻ کان روڪي ورتو، صحت کاتي موجب ايمرجنسي صورتحال سبب بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو ٿي آھي.