ڀارتي ٽي وي اداڪار پرل وي پوري ٻارڙي سان زيادتي ڪيس ۾ گرفتار

0
346

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪار پرل وي پوري کي ٻارڙي سان زيادتي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس گذريل رات اداڪار کي گهران گرفتار ڪيو، مٿس ساٿي اداڪاره جي ڌيءُ سان زيادتي ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. اهو ڪيس 2019ع ۾ داخل ڪرايو ويو هو جنهن جي جاچ بعد اداڪار ۽ بين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ کيس پڪڙيو به ويو آهي، ٻيا جوابدار به گرفتار ڪيا ويا آهن. پرل کي وسائي شهر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو آهي. ٽي وي انڊسٽري اداڪار جي حامي بڻجي وئي آهي اداڪاره راکي ساونت ۽ پروڊيوسر ايڪتا ڪپور الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي.