ڀاءُ سان محبت يا ٻيو ڪجهه؟، وزيراعظم لنڊن ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ ترسي پيو

0
223

وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ ترسي پيو، وزيراعظم کي پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ پارٽيءَ جي قائد نوازشريف سان ملاقات بعد رات وطن لاءِ واپس روانو ٿيڻو هو

وزيراعظم شهباز شريف آخري وقت تي لنڊن ياترا ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

ذريعن موجب شهباز شريف ۽ نواز شريف ۾ 4 ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران نئون آرمي چيف اهليت جي بُنياد تي مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو

ملاقات دوران آرمي چيف جي مقرري تي پي ڊي ايم قيادت کي به اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري آئيني معاملو آهي، جنهن کي آئين مطابق طئي ڪيو ويندو