صحت کاتي جي گرفتار 12 اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
210

ڪراچي جي عدالت احتجاج ڪرڻ تان گرفتار ڪيل گرينڊ هيلٿ الائنس جي 12 اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سيڪشن 63 تحت سمورن اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو

ڊاڪٽر محبوب نوناري، اعجاز ڪليري، ڊاڪٽر وارث، ڊاڪٽر شفيق، سيد عظيم، محمد آصف ۽ ٻيا اڳواڻ آزاديءَ کانپوءِ ڌرڻي ۾ پهچي ويا

آرام باغ ٿاڻي جي پوليس جي مدعيت ۾ اڳواڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو

گرينڊ هيلٿ الائنس جي آزاد ٿيل اڳواڻن چيو آهي ته گرفتارين ۽ ڪيسن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي نڪتل آهيون

هنن چيو ته هيلٿ رسڪ الائونس ۽ ٻيا مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو