اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثرن جو ستين ڏينهن به احتجاج، ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جي رهواسين متاثرين مگهن ڪولهي، نانڪ ڪولهي، سونو ڪولهي، هيمراج ڪولهي، گڻيسو ڪولهي، چيتن ڪولهي، رتنو ڪولهي، يمون ۽ ٻين ڪالھه ستين ڏينهن به شهنگائي ۽ سائينو سنڌ ڪمپنين جي مبينا ناانصافين خلاف دانهيندي چيو ته سندن احتجاج کي اڄ هڪ هفتو مڪمل ٿيو آهي، پر ڪنهن به معاملي جو نوٽيس نه ورتو آهي. متاثرن جو چوڻ هو ته غريب مسڪين آهيون، تڪير به دانهن بڌڻ لاءِ تياار ناهي. ڪمپنين ناانصافين جي حد ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري تنگ ٿي لڏپلاڻ ڪري تي مجبور ٿي ويا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته ڪمپنين کي ڳوٺاڻن سان ڪيل واعدن تي عمل جو پابند بڻايو وڃي.