نواب ولي محمد (ن پ ا) ڳوٺ حَسوُ کوسو جي رھواسي چنيسر کوسو نواب ولي محمد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته سڪندر علي جتوئي کان 70 هزار اڌارا کنيم ٽائيم تي نه ڏيڻ تي 70 هزارن مٿان وياج لڳايو ويو، جيڪو ڀري ڀري ٿڪجي پيو آهيان سڪندر علي جتوئي ۽ سندس ڀائر امام علي جتوئي ۽ جاويد جتوئي روز تنگ ڪن ٿا. هن چيو ته سڪندر علي جتوئي جو مئنيجر سبحان کوسو مونکي 3 ڌيئرون اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، آئون مسڪين پورهيت آهيان وياجين کان تنگ ٿي پيو آهيان، هن چيو ته اهڙي دانهن ايس ايچ او قاضي احمد کي به ڏني آهي پر تدارڪ نه ٿيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته وياجين کان جند ڇڏائي وڃي نه ته آئون خودڪشي ڪندس ان جا ذميوار ڄاڻايل وياجي ۽ ايس ايچ او قاضي احمد هوندو.