چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن جو ريگيولٽر وٽ پاڻي جي کوٽ ء چاڪر شاخ جا دروزا بند ڪرڻ خلاف پچڙي جي سوين آباگارن ريگيوليٽر وٽ پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. آبادگارن پاران زنجيرن سان ماتم ڪري احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي شاخ جا در کولڻ جي ڪوشش واري اطلاع تي ايس ڊي او ايريگيشن عارف ميمڻ وڏي تعداد ۾ پوليس نفري سان گڏ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي شاخ جا در ٻھير بند ڪري ڇڏيا. جنھن تان آبادگارن ۽ ايس ڊي او وچ م ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ٻن ڪلاڪن تائين آبادگارن ۽ پوليس وچ چڪريون آبادگارن احتجاجن زنجيرن سان ماتم ڪندي انوکو احتجاج ڪيو. ماتم ڪندي پنج آبادگار بھيوش ٿي ويا. آبادگار ٻيھر بند پيل شاخ جا در کولڻ لا شاخ جي درن مٿان چڙھي ويا ته پوليس ۽ آباگارن ۾ ٻيھر چڪريون درن جي چاٻي تي ڇڪتاڻ ٿي. ان سلسلي م آبادگار حاجي ڪرم رند، انور رند، عرفان ملڪ، شعيع محمد رند، غلام مصطفيٰ رند، ء ٻين ايريگشين عملدارن مٿان الزام ھڻندي چيو تہ ايس ڊي او عارف ميمڻ منڊ جي بااثر آبادگارن کان لک رپيا رشوت وٺي مين چاڪر شاخ تہ روٽيشن نٿو ڪري مين چاڪر شاخ نو ميل جي منڊ جي بااثر آبادگارن جي واٽر ڪورسن جا موڳا ٽٽل آھن جتي ايريگيشن جا عملدار ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناھن آھن. ريگيوليٽر ڪراس کان ھيٺ چاڪر شاخ بند ڪرڻ لا ايس ڊي او جعلي ليٽر کڻي شاخ بند ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي تباھ ڪري رھيو آھي. احتجاج ڪندڙ آبادگار کي ڪو نقصان پھتو تہ ان جو ذميوار ايس ڊي او عارف ميمڻ ھندو آبادگارن چيف جسٽس سنڌ ھاۂي ڪورٽ، وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ڪندي چيو آھي تہ ايس ڊي او عارف ميمڻ کي ھٽائي ڪو ايماندر آفيسر مقرر ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي فراھم ڪيو وڃي.