ٿاڻو بولا خان (ن پ ا) ٿاڻو بولا خان جي موساڻي پاڙي ۾ مستاني نوجوان جلال خاصخيلي تي ٻن نوجوانن گھر ۾ گھڙي مارڪٽ ڪري تشدد جو نشانو بڻائي لٺين سان وسڪارو لائي ڏنو. مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ جي ڪري نوجوان سخت زخمي ۽ رتورت ٿي پيو، سندس پيرسن امڙ جي رڙين تي پاڙي وارا پھچي ويا ۽ حملو ڪندڙ جوابدار فرار ٿي ويا. نوجوان جلال خاصخيلي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ٿاڻو بولا خان آندو ويو، جتي کيس طبعي امداد ڏني ويئي ۽ سندس حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي طرف سندس امڙ جي فرياد تي ٻن جوابدارن انيس خاصخيلي ۽ حاجي خاصخيلي تي ڪيس داخل پر پوليس طرفان جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ سستي ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي. نوجوان جلال خاصخيلي جي پيرسن امڙ صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته جوابدار بااثر آھن،. بي گناھ پٽ تي تشدد ڪيو ويو آھي پوليس ڪمداري ڪري جوابدار گرفتار نٿي ڪري. منھنجي پٽ جو ذھني توازن درست ناھي. انيس ۽ حاجي خاصخيلي منھنجي پٽ تي وحشياڻو تشڊڊ ڪيو آھي اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿي ڪيان ته جوابدار گرفتار ڪرائي مونسان انصاف ڪيو وڃي.