چونڊڪو (ن پ ا) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار فقير خادم حسين آرادين جو نوجوان پٽ پنجويهه سال جو احسان علي آرادين ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آھي، سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ حر جماعت سان تعلق رکندڙ ماڻھن جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احسان علي آرادين جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي نارا تعلقي جا شھر چونڊڪو، سڪندر آباد، پيراڻو پتڻ، ناراگيٽ، ڪاٺوڙ، تجل مثالي، ڳوٺ ڦارهياڙو مڪمل طور تي بند ٿي ويا، مرحوم کي آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.