ڪراچي: سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ جاري آدمشماري تي خدشن بابت پيپلزپارٽي پاران جمعي 17 مارچ تي ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان پ پ اڳواڻن پاران مختلف جماعتن سان رابطا شروع ڪري کين دعوتون ڏنيون پيون وڃن، پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙي پاران ايم ڪيو ايم جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد ۽ نواز  ليگ جي صوبائي صدر شاهه محمد شاهه کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اعتماد ۾ ورتو، جڏهن ته فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر پير صدرالدين شاهه راشدي ۽ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان کي فون ڪري اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، هوڏانهن  جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، صنعان قريشي، جلال محمود شاهه ، اياز لطيف پليجو، لعل جروار، رياض چانڊيو سميت ٻين اڳواڻن سان عاجز ڌامراهه رابطا ڪري کين دعوتون ڏنيون،  پ پ سنڌ جي صدر  نثار کهڙو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فنڪشنل ليگ سميت سمورين قومپرست پارٽين جي اڳواڻن، اديبن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ليکڪن کي دعوت ڏني ويندي، ڪانفرنس ۾ سموريون جماعتون مردم شماري بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪنديون، ڊجيٽل مردم شماري ۾ خاميون موجود آهن، ٽيبليٽ ايپ سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪم ئي نٿي ڪري، شمار ٿيندڙ گهراڻن کي گهر ڀايتن جي انگ بابت رسيد به نٿي ڏني وڃي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته ڪير ڳڻپ ۾ آيو ۽ ڪير رهجي ويو؟ هن چيو ته سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته مردم شماري آر ٽي ايس جيان تڪرار ٿي ويندي.