ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) عوامي تحريڪ پاران ” غير آئيني ۽ غيرقانوني آدمشماري“ جي سري هيٺ ڪوٺايل سيمينار ۾ شريڪ ساڃاھ وندن ڊجيٽل آدمشماري کي غير قانوني قرار ڏيندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان گهر ڪئي آهي ته ڊجيٽل آدمشماريءَ روڪرائي، آدمشماريءَ لاءِ رکيل 32 ارب رپين جا فنڊ  ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ تي خرچ ڪيا وڃن ،ايندڙ آدمشماري ڪرائڻ کان اڳ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪندي لکين غيرملڪين کي پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس موڪليو وڃي.اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن سنڌي عوام جي سخت احتجاج کانپوءِ به زبردستي آدمشماري ڪرائي سنڌي قوم کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنھنجا من پسند نتيجا ڪڍڻ جي سازش ڪئي وئي ته سنڌي عوام اھڙن بوگس نتيجن کي قبول نه ڪندو. سيمينار کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي صدر لعل جروار چيو ته  سنڌي عوام سمجھي ٿو ته وفاقي سرڪار غيرقانوني آدمشماري وسيلي  ڇھن ھزارن سالن جي تاريخ ۽ تھذيب رکندڙ سنڌي قوم جو قومي وجود ميسارڻ وارو قومي، ملڪي ۽ بين الاقوامي ڏوھ ڪري سنڌي قوم جي نسل ڪُشي ڪري رھي آھي. هن چيو ته سنڌ ۾ آيل برساتي ٻوڏ سبب ھڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن، ”نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي“ ۽ سنڌ حڪومت جا انگ اکر آهن ته پوري پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 23 لک گهر تباهه ٿيا، جن  مان 21 لک گهر سنڌ جا هئا، جن مان 14 لک گهر مڪمل ۽ 7 لک گهر جزوي طور متاثر ٿيا، هن چيو ته تازو سنڌ اسيمبلي  ڊجيٽل آدمشماري جي مسئلي تي قرارداد پاس ڪري چيو آھي ته اڃا تائين ھڪ ڪروڙ ٻوڏ متاثر واپس پنھنجن گھرن ڏانھن وڃي نه سگھيا آھن. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي سرڪار سنڌ جي عوام جي مدد ڪرڻ، کين  ٻيھر پنھنجن گھرن ۾ آباد ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ، گھر ٺھرائي ڏيڻ ۽ ڪيترن ئي ضلعن ۾ بيٺل پاڻي ڪڍرائڻ بدران ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي رهي آهي،  هن چيو ته هاڻي پ پ اي پي سي جو سانگ رچائي  قومپرستن ۽ ايم ڪيو ايم وارن کي آمهون سامهون آڻي قومپرستن جي ڪلهي تي بندوق رکي ڊرامو ڪرڻ چاهي ٿي، نامياري قانوندان شهاب اوستو چيو ته هي آدمشماري سازش آهي پر انهي مان خوفزده ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، سنڌ جا ماڻهو باشعور آهن، اهي اڪثريت ۾ آهن ، اسان  اهڙيون هٿ ٺوڪيون سازشون ناڪام بڻائينداسين، . انٽيليڪچوئل فورم جي سربراه ۽  سينيئر قانوندان  مسعود نوراني چيو ته 4 مارچ جي جدوجهد هجي يا  ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي، اسان سڀ متحد هئاسين،  اڄ به اهڙي ٻڌي جي ضرورت آهي. نيشنل عوامي پارٽي آزاد ڄمون ڪشمير جي اڳواڻ لياقت حيات چيو ته اسان وٽ الڳ سان آدمشماري ڪرائي وڃي پر سازش تحت پنجاب جي آبادي وڌائي ڏيکاري پئي وڃي. اسان جو مطالبو آهي ته هن  غير قانوني آدمشماري کي رد ڪيو وڃي. گلگت بلتستان بچايو تحريڪ جي ڪنوينر شبير ميار چيو ته حڪمرانن مظلوم قومن جا حق ڦريا ۽ لٽيا آهن،  اسان کي هاڻ گڏجڻو پوندو. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خواجا نويد چيو ته هي ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي وجود تي حملو آهي. پيپلزپارٽي هميشه سنڌ جي وحدت جو سودو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جو ايم اين اي ڌارين کي سنڌ جا ڊوميسائل ڏيڻ جو بل پيش ڪري ٿو، اهڙي عمل کي برداشت نه ڪيوويندو،  عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايڊوڪيٽ اياز چانڊيو چيو ته سنڌ جي ڪامورن سنڌ کي وڪڻڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. پ پ جا وڏيرا اسٽيبلشمنٽ سان ٺاهه لاءِ هر وقت راضي ويٺا آهن. سيمينار کي سنڌياڻي تحريڪ جي صدر سبحاني ڏاهري، حورالنساءِ پليجو، دانشور پروفيسر اعجاز قريشي، عاجز جمالي، اسحاق سومرو ، نور احمد ڪاتيار، خدا ڏنو شاهه ۽ ٻين  خطاب ڪندي چيو ته  تڪراري آدمشماري کي رد ڪيو وڃي