ڪراچي: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن 11ھين ڏينهن به ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي احتجاج جاري رکيو، ڪالهه انجنيئر گلزار سومرو، ڊاڪٽر سومار مڱريو، قادر چنا، شوڪت ابڙو، ڪامريڊ حيات تنيو، عاشق ٿهيم، رجب مگسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پي ڊي ايم جي وفاقي سرڪار وقت کان اڳ جبري طور آدمشماري ڪرائي سنڌين جي حق حڪمراني تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي. سنڌ انهي تڪراري آدمشماري کي رد ڪري ٿي.ڪالهه احتجاجي ڪيمپ تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لعل جروار، حورالنساءِ  پليجو ۽ نوراحمد ڪاتيار، سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جي شفيق موسوي ۽ پهچي ايس ٽي پي جي جدوجهد کي وقتائو قرار ڏنو