پٺاڻ ڀائر آهن، اُهي سنڌ ۾ ڪاروبار ڪري سگهن ٿا: جلال محمود شاھ

0
670

پٺاڻ ڀائر آهن، اُهي سنڌ ۾

ڪراچي: ايس يو پي سربراهه طرفان بلال ڪاڪا جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آھي، سيد جلال محمود شاھ چيو آھي تھ سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي نيڪالي ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي، پٺاڻ ڀائر آهن، اُهي سنڌ ۾ ڪاروبار ڪري سگهن ٿا

جلال محمود شاهه مڪاني چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پ پ مخالف اُميدوارن کي هيسايو پيو وڃي، ڌانڌلي جي ڪوششن باوجود مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين، پ پ لاءِ ميدان خالي نه ڇڏيو ويندو

ھن چيو تھ اليڪشن ڪميشن کي ڌُر نه بڻجڻ گهرجي، شفاف مڪاني چونڊون يقيني بڻايون وڃن، سنڌ پرامن ڌرتي آھي، اسان تشدد جي خلاف آھيون

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ لساني بُنيادن تي ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي: وڏو وزير