ڀٽ شاھ (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ مڪاني اليڪشن جي ٻي مرحلي ۾ چونڊ سرگرميون جاري آھن، پاڪستان تحريڪ انصاف جو وارڊ نمبر 3 تي اميدوار پريم چند اليڪشن تان دستبردار ٿي ويو، پريم چند دستبردار ٿي لطيفي آزاد پينل جي اميدوار سيد گداحسين  شاھ لطيفي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي، تحريڪ انصاف اميدوار پريم چند لطيفي پينل  جي اڳواڻن سيد گداحسين شاھ،  سيد جراڙ لطيفي،  ايڊووڪيٽ آصف راجپوت ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو، تحريڪ انصاف جا 3 اميدوار اڳ ۾ لطيفي پينل جي حق ۾ ھٿ کڻي چڪا آھن، جڏهن ته  ڀٽ شاھ ۾ لطيفي پينل  ۽   پيپلزپارٽي ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن،   پيپلزپارٽي بـ چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آھن.