اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن ۽ ڪي پي ڪي گورنر جي فيصلن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ چونڊ تاريخ جي تبديلي خلاف گڏيل آئيني درخواست عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني آئيني درخواست داخل ڪئي. تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري اسد عمر، ميان محمودالرشيد ۽ عبدالرحمان به درخواستگذارن ۾ شامل آهن. آئيني درخواست ۾ وفاق، پنجاب، ڪي پي ڪي، پارلياماني معاملن واري وزارت، قانوني وزارت ۽ ڪابينا کي ڌر بڻايو ويو آهي. تحريڪ انصاف طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن آئيني مينڊيٽ ۽ عدالت جي فيصلي کان انڪار ڪيو. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن کي شيڊول موجب 30 اپريل تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.