سوشل ميڊيا جي طوفان کان آمريڪي به پريشان … دودو چانڊيو

0
119

  انٽرنيشنل وزيٽر ليڊر شپ پروگرام تحت گذريل 3 هفتا آمريڪا ۾ هئس، اسان جو هي دورو مڪمل ميڊيا بيس هو، جيڪو  واشنگٽن ڊي سي کان فلوريڊا جي ٽيمپا سٽي تائين هو، ورلڊ لرننگ اداري جي ميزباني هيٺ اسان ذري گهٽ 10 کان وڌيڪ ميڊيا هائوسز جنهن ۾ ريڊيو، اخبارون آڦيسون، ٽي وي چينل، صحافين لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي آفيسن جو دورو ڪيو، تفصيلي گفتگو ڪئي، گڏوگڏ آمريڪا جي هن 4 رياستن جي مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن، ۽ اسڪولن ۾ جرنلزم پڙهائيندڙ شعبن ۾ وڃي استادن توڙي شاگردن سان وڃي ڪچهريون ڪيون، جتي هر گفتگو ۾ اسان کي جيڪو پهريون جملو ٻڌڻ لاءِ مليو ته اهو هي هو ته سوشل ميڊيا جي پريشاني سان لاڳاپيل هو، ويندي نارٿ ڪورولينا رياست جي سڀ کان وڏي سرڪاري يونيورسٽي جي جرنلزم شعبي ۾ پڻ جڏهن هڪ ورڪشاپ اٽينڊ ڪيو ته اتان جا استاد سوشل ميڊيا جي غلط استعمال سبب پريشان هئا، انهن ٻڌايو ته هاڻ اسان سوشل ميڊيا کي هڪ ڪورس طور پڙهائڻ شروع ڪيو آهي، وائس آف آمريڪا کان ويندي مختلف ميڊيا هائوسز اندر هر ٻئي نيوز پروڊيوسر، رپورٽر ۽ اينڪر پرسن اها دانهن ٿئي ڪئي ته سوشل ميڊيا جي هن غلط استعمال آمريڪا جي بنياد لوڏڻ شروع ڪيا آهن جنهن ڪري آمريڪا اندر هڪ سنجيده بحث شروع ٿيو آهي ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا جي بي لغام گهوڙي کي لغام نه وڌو ويو يا ان کي ريگيولرائز ڪرڻ لاءِ ڪم نه ٿيو ته وڏي تباهي ايندي، ان حد تائين ته نارٿ ڪرولينا اندر اتان جي ٽي وي چينلز جي مالڪن جي هڪ تنظيم پي بي اي هو، جنهن ۾ آمريڪي مشهور صحافي ڊيوڊ چيو ته هاڻي ماڻهو ٽي وي چينل ڏسڻ بند ڪري رهيا آهن ۽ اخبارن جي اڌواڌ سرڪيوليشن گهٽجي وئي آهي، هر ماڻهو وٽ پنهنجو سوشل ميڊيا جو اڪائونٽ آهي جنهن جا جيترا وڌيڪ فالوئرز آهن اهو جيڪڏهن ڪا پوسٽ رکي ٿو ته ڀلي اها غلط/ڪوڙي ڄاڻ هجي پر اها پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان اڳ وائرل ٿي وڃي ٿي، جنهن ڪري ماڻهو ان تي اعتبار ڪرڻ شروع ڪن ٿا، آمريڪا ۾ پهرين ، ٻي عالمي جنگ ۽ سول وار دوران به اهڙا غلط افواهه نه پکيڙيا هئا جيڪي هاڻ سوشل ميڊيا جي ڪري پکڙجي رهيا آهن، آمريڪا جي تختگاهه واشنگٽن ڊي سي جي وائيٽ هائوس آڏو بيهي اسان جي گائيڊ هڪڙي گهٽي ڏانهن اشارو ڪري چيو ته سوشل ميڊيا جي پازيٽو ۽ نيگيٽو اثرن جا ٻه وڏا نشان آئون هتان بيهي اوهان کي ڏيکارڻ چاهيان ٿو، وائيٽ هائوس سامهون هن گهٽي جو نالو بليڪ اسٽريٽ آهي جڏهن هڪ گوري سپاهي ٽرمپ جي دور ۾ ڪاري نسل جي ماڻهو کي لت رکي ماريو هو ته سوشل ميڊيا ايڏو پازيٽو ڪردار ادا ڪيو جو وائيٽ هائوس سامهون هن گهٽي جو نالو آفيشل طور بليڪ اسٽريٽ رکيو ويو آهي. گڏوگڏ ان گائيڊ اسان کي هڪ ٻي گهٽي ۾ آمريڪا جي پاور ترين عمارت ڪيپٽل هل ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هي عمارت آمريڪا جي اندر جمهوريت ۽ اتحاد جي هڪ علامت آهي هن تاريخي عمارت تي ڪڏهن به آمريڪين هلان ناهي ڪئي پر جڏهن ٽرمپ اليڪشن هارائي ۽ سوشل ميڊيا ذريعي غلط افواهه پکيڙيا ويا ته ماڻهن هن عمارت تي حملو ڪيو. ان ڪري هر جمهوريت پسند آمريڪي ان حملي سبب پريشان آهي، ويندي اسان جڏهن آمريڪي صحافين جي وڏين تنظيمن سان ۽ انهن ڪم ڪندڙ ادارن جي ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون ته اهي به چئي رهيا هئا ته سوشل ميڊيا جي ڪري آمريڪي صحافين جو روزگار خطري ۾ پئجي ويو آهي ان ڪري نه رڳو اسان پر خود آمريڪي رياستن ۾ سرڪاري سطح تي به اهو ڪم شروع ٿيو آهي ته سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي ڪيئن روڪجي ، ڇاڪاڻ ته هي سوشل ميڊيا افواهه ساز مشين طور استعمال ٿي ته ان تباهي کي اسان منهن نه ڏئي سگهنداسين. اهڙين ملاقاتن ۾ اهو به اسان کي ٻڌايو ويو ته مختلف ڪمپنيون ۽ پارٽيون ماڻهن کي ڳري رقم ڏئي سوشل ميڊيا پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري رهيون آهن. هن دوري دوران اسان جڏهن مختلف بازارن/مارڪيٽن ۾ وياسين ته اسان کي اهو ٻڌي انتهائي حيرت ٿي ته پاڪستان جي اندر به عمران سرڪار بعد سوشل ميڊيا جو ڊگهو استعمال ٿي رهيو آهي ان جي ڄاڻ هي سڀ سرحدو پار ڪري عام آمريڪين تائين پهچي رهيون آهن، ويندي اسان کي اها به خبر نه هئي ته لاهور ۾ عمران جي گهر جو گهيرو ٿيل آهي اسان کي هڪ سپر مال ۾ ڪائونٽر تي بيٺل آمريڪي ڇوڪري سنڌي ۾ ڳالهائيندي ٻڌي پڇو ته ڪٿان جا آهيو؟ اسان ٻڌايو ته پاڪستان جا آهيون، فوري طور سوال ڪيائين ته عمران خان گرفتار ٿي ويو آهي يا نه اڃا ؟ اها سموري ڄاڻ سوشل ميڊيا ذريعي ئي اتي پهتل هئي. واپسي تي اسان سنڌي صحافي اهو بحث ڪندا آياسين ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا بدران سوشل ميڊيا جيڪو ميدان آهي ان تي اسان کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ اسان کي اهو به ٻڌايو ويو ته صحافين جي روزگار بچائڻ لاءِ هتان جا ادارا جديد ٽيڪنالاجي تحت اهڙا سافٽ ويئر ٺاهي رهيا آهن جيئن صحافي بيروزگار ٿيڻ بدران انهن سافٽ ويئرن ذريعي روزگار ڪمائي سگهي ڇو ته سوشل ميڊيا ترت کين بيروزگار جي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ واري آهي.