اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ تي وزيراعظم، نگران وزيراعليٰ پنجاب، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ چيف اليڪشن ڪميشن ميمبرن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست ايڊووڪيٽ جي ايم چوڌري پاران داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف، چيف اليڪشن ڪميشن ۽ محسن نقوي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿيا، سپريم ڪورٽ جي پهرين مارچ 2023ع جي ڏنل حڪمن جي ڀڃڪڙي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.