پي ٽي آءِ سربراهه نئين اليڪشن ڪميشن جوڙي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
170
اليڪشن ڪميشن جوڙي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو
پي ٽي آءِ سربراهه نئين اليڪشن ڪميشن جوڙي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ سربراهه نئين اليڪشن ڪميشن جوڙي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته ڌاڙيل عدليه کي برو ڀلو چئي رهيا آهن

عدالت رڳو هڪ سوال پڇيو ته اسيمبلي ميمبرن کي هدايت پارٽي سربراهه يا پارلياماني ليڊر ڏئي سگهي ٿو؟ ڀلي وڪلين کان پڇو حڪمران ڪوڙ ڳالهائي رهيا هئا ته پارٽي سربراهه هدايت ڏئي سگهي ٿو

وڊيو لنڪ تي خطاب دوران عمران خان چيو ته، اليڪشن ڪميشن حمزا شهباز سان ملي اسان کي هارائڻ جِي ڪوشش ڪئي، اليڪشن ڪميشن اِي وي ايم به آڻڻ نه ڏني، جنهن سان ڌانڌلي رڪجي وڃي ها

اسان سڀني کي خوف اهو آهي ته ملڪ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، نيون چونڊون ئي مسئلن جو حل آهي