ڌمڪي ڏني وئي هئي ته 19 هين ترميم پاس ڪيو، نه ته 18 هين ترميم اڏائي ڇڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

0
296

اسپيڪر جو معاملو عدالت ۾ هجي ته پارليامينٽ قانونسازي ۽ فيصلو ڪري ته ڪيترا جج اُن تي ٻڌڻي ڪن

اسپيڪر جِي رولنگس تي عدليه فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي ته بسم الله پر عدليه کي فُل ڪورٽ ذريعي فيصلو ٻڌائڻو پوندو، ائين نٿو ٿي سگهي ته ملڪ ۾ 2 آئين هجن، اسان لاءِ هڪڙو آئين ۽ لاڏلي لاءِ ٻيو آئين بلاول  عدالتي سڌارن لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بلاول چيو، ڌمڪي ڏني وئي هئي ته 19 هين ترميم پاس ڪيو، نه ته 18 هين ترميم اڏائي ڇڏينداسين، ڌمڪي ۾ اچي 19 هين ترميم پاس ڪرڻ اسان جِي غلطي هئي

اسان ڏٺو آئين جا فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌ ٿي رهيا هئا، هينئر صدر وٽ 58 ٽُو بِي جا اختيار ناهن، نئين 58 ٽُو بِي عدالت وٽ هلي وئي آهي

ھي به پڙھندا

آئين ۾ ادارن جا اختيار واضح آهن، عدليه جو احترام پر ائين نه هلندو: وزير اعظم