پي ٽي آءِ حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس جي تياري شروع

0
204
اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس
پي ٽي آءِ حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس جي تياري شروع

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس جي تياري شروع ڪئي وئي آهي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته گهرو ۽ قانون واري وزارت ريفرنس جي تياري شروع ڪئي آهي، صدر عارف علوي، اڳوڻي وزير اعظم عمران خان سميت قاسم سوري ۽ عمر سرفراز چيمه خلاف ريفرنس لاءِ مواد گڏ ڪيو پيو وڃي

آرٽيڪل 6 ڇا آهي؟

آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪوبه شخص جيڪو طاقت جو استعمال يا غير آئيني طريقي سان آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري يا معطل ڪري ته اهو سنگين غداري جو ذميوار هوندو آهي